قاضي عبدالرسول

قاضي عبدالرسول: ڪلهوڙن جي دور جو قاضي عبدالرسول، قابل دانشور ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جو مؤلف هو. پاڻ منشي جان محمد قريشيءَ سان گڏجي ڪتاب ‘مجموعه واقعات دانشگاهه سنڌ’ مرتب ڪيائين. ڪتاب تاريخي خطن جو مجموعو آهي. اهي خط سنڌ جي سياسي، انتظامي، سماجي ۽ عالمي حالتن جي نشاندهي ڪن ٿا. مغلن جي آخري دور ۾ سنڌ ۾ جيڪا لاقانونيت ۽ بدانتظامي پکڙي هئي سا انهن خطن ۾ ظاهر ٿئي ٿي. وقت جي حاڪمن قاضي عبدالرسول ۽ جان محمد قريشيءَ جي قابليت کي پرکندي کين هڪ ٻيو ڪتاب لکڻ لاءِ همٿايو ۽ ٻنهي صاحبن گڏجي ‘بياض رقعات‘ جي نالي سان هڪ ڪتاب مرتب ڪيو. ڪتاب 1123هه/ 1711ع ۾ پڌرو ٿيو. ڪتاب ۾ نادر ۽ ناياب مڪتوبات موجود آهن، جن مان گهڻا خط ڪلهوڙا دور سان تعلق رکن ٿا. ان کانسواءِ بياض ۾ ڪن شاعرن جا قصيدا ۽ اشعار به آهن، جن جو پڻ سنڌ جي تاريخ سان واسطو آهي، ميان يار محمد جو لکيل خط پنهنجي پٽ ميان نور محمد ڏانهن، جنهن ۾ صوفي شاهه عنايت شهيد سان جنگ جو سربستو احوال لکيل آهي. ان کانسواءِ ٻين به ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف رهيو. ڪلهوڙن جي ئي دور ۾ هن مصنف وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو